SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


همه اَز اوست


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

همه اَز اوست

”همه اَز اوست“ فارسي مقولو آهي، جنهنجي لفظي معنيٰ آهي ”هم= سڀ+آز=کان+اُو=اُهو (الله) اَست= آهي.“ يعني ”سڀ ڪجهه خدا تعاليٰ جي طرفان ئي آهي.“ صوفين جي هڪ گروهه مطابق، دنيا جي هر هڪ شيءَ الله تعاليٰ جي ئي پيدا ڪيل آهي؛ يعني هر هڪ چيز جو جوڙيندڙ يا ٺاهيندڙ خود خدا آهي. تنهن ڪري هو انهيءَ ڳالهه تي ڀروسو رکن ٿا ته، جا به شيءَ دنيا ۾ نظر اچي ٿي، سا الله تعاليٰ جي طرفان ئي آهي ’همه اوست‘ يا ’وحدت الوجود‘ جي ابتڙ، صوفين جو ٻيو حلقو ڪائنات جي هن تعبير کي نه رڳو مڃي نه ٿو، پر اهڙي تصور وارن صوفين کي ”ملحد ۽ زنديق“ جي لفظن سان ياد ڪري ٿو. حسين بن منصور حلاج ۽ ٻيا صوفي، جيڪي وحدت الوجود/همه اوست جا حامي هئا، انهن خلاف فتوائن ڏيڻ ۽ سزائن ڏيارڻ ۾ ان ٻئي قسم جي سوچ وارن جو دخل رهيو آهي. جيڪي صوفي ’وحدت الوجود‘ يا ’همه اوست‘ کي نٿا مڃين، اُهي ’وحدت الشهود‘ يا ’همه از اوست‘ ۾ يقين رکن ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته خالق ۽ مخلوق جي وجود کي ’هڪ وجود‘ قبول ڪرڻ، حقيقت ۽ شريعت جي خلاف آهي. سندن چوڻ آهي ته اسلامي تعليمات جو بنياد شريعت آهي، جنهن موجب خالق ۽ مخلوق جا ٻه وجود آهن، هڪ ’وجود امڪاني‘ ۽ ٻيو ’وجود وجوبي‘. ان نقطه نظر کي ’وحدت الشهود‘ يا فارسي اصطلاح موجب ’همه از اوست‘ سڏيو وڃي ٿو. حضرت مجدد الف ثاني، هن نقطه نظر جو وڏو شارح هو.


Remember Me Also:

فسون

ذ. ف. افسُون جادُو ، سِحرُ ، نَيرنگُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal